اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظ?? شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي ??ي پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان جاري پاڪستان جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني وڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پا??ان استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ?سلاٹ_مشین/117856.html">?وس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.