مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽ??ڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ غيرمسلمان رهواسين کي شهريت ڏيڻ جو ڀيانڪ منصوبو والاريل ڪشمير جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنهن جي تسلسل ۾ لکين ڀارتي هندوئن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ۽ بوگس تڪ بنديون ڪري رياست جي مسلم تشخص کي ختم ڪيو پيو وڃي، اسان انهن سمورن قدمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهي سمورا قدم گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ ان تي گڏيل قو??ن جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي، ڀارت ??ي فسطائي حڪومت ڊوميسائيل قانونن تحت ڪشميرين کان انهن جي رهائش، شهريت، روزگار ۽ زمين جي ملڪيت جا حق کسي ورتا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ سڄي ڀارت مان 40 لک کان وڌيڪ هندوئن کي آڻي ڪشمير ۾ آبادڪاري ڪئي وئي آهي، قابض فوجين ۽ ڀارتي سرڪاري آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن کي هڪ منظم منصوبي تحت ڪشمير ۾ آباد ??يو پيو وڃي، هدف اهو آهي ته والاريل واديءَ جي آبادي جي تناسب کي مستقل طور تي تبديل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان دنيا جي بهادر ترين قو?? ڪشميري قو?? کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن غاصباڻي قبضي ۽ دهشتگردي جي باوجود پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي. آزاد ??شمير ۽ پاڪستان جا ماڻهو توهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ توهان جي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اء?? هر حد پار ڪندا، ڪشمير مسئلي کي نقصان پهچائڻ جي ??اء?? ڀارت جيڪي قدم کنيا ان سان گڏيل قو??ن ۾ موجود ڪشمير مسئلي جي حيثيت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. گڏيل قو??ن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي راءِ جي ابتڙ حل نه ٿو ڪري سگهجي. اهي گڏيل قو??ن جون قراردادون ئي آهن جيڪي ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏين ٿيو.