اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ پاڪستان ۽ يو اي ??ي جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستاني عوام پاران متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر شيخ خليفا بن زيد النيهان جي لا??اڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفا مرحوم پاڪستان جو دوست هو، ان جي وفات ٻنهي ملڪن لاءِ وڏو نقصان آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يو اي ??ي جي نئين صدر شيخ محمد بن زيد بن سلطان النيهان وزنري ۽ ترقي پسند اڳواڻ آهي، هن چيو ته وزيراعظم ش??باز شريف ۽ صدر شيخ محمد بن زيد ايندڙ نسلن جي ترقي ۽ خوشحالي جو انقلابي ويزن رکن ٿا، ٻئي اڳواڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري، سماجي ۽ گڏيل دلچسپي سميت سڀني شعبن ۾ مضبوط لا??اپن ۽ رابطن جي فروغ جا خواهش??ند آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت نئين فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي عمل سروع ڪيو آهي، يو اي ??ي جي فلم سازن ۽ سيڙپڪارن کي فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، مريم ارونگزيب دبئي ايڪسپو جي ڪامياب انعقاد تي يو اي ??ي جي قيادت ۽ آرگنائيزر کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته دبئي نمائش سان مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ معاشي موقعن ۾ اضافو ٿيو ۽ مختلف ملڪن جي ثقافت کي فروغ مليو، هن چيو ته وزيراعظم ش??باز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بز??س ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهش??ند آهيون، متحده عرب امارات جي سفير مريم اورنگزيب کي اطلاعات جي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن موجب ٻطرفي لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکن ٿا.