اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر اميد ظاهر ڪئي آهي ته يوڪرين جي عو??م موجوده بحران مان جلد نڪرندي، پاڪستان يوڪرين ۾ جاري جنگ جي حوالي سان شديد خدشا رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين کي امدادي سامان موڪلڻ ??اري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم آهن، جنگ جي ڪري يوڪرين ۾ وڏي انگ ۾ شهري بي گهر ٿي چڪا آهن، يوڪرين جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير چيو ته امدادي سامان يوڪرين جي عو??م سان پاڪستان جو يڪجهتي جو اظهار آهي. ان موقعي تي يوڪرين جي سفير چيو ته يوڪرين جي عو??م کي هن و??ت جنگ درپيش آهي، مشڪل وقت ۾ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان پاران امدادي سامان جي ٻي کيپ يوڪرين موڪلي پئي وڃي.