اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن ??ي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سان دلي همدر??ي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مع??وم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم ??رب??نيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهن??ي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.