اسلام آ??اد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، عمران خ??ن پاڪستان جو محسن آهي، جنهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، پاڪستان جي عوام عمران خان جي جلسي جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي جي حوالي س??ن پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي پئسي سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران خان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل آهي. هن چيو ته بهادر قوم کي بهادر ل??ڊر جي ضرورت هوندي آهي، عمران خان اهو ل??ڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خ??ن پاڪستان جي معيشت ۽ انڊسٽري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن پاڪستان جي عوام بشمول عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پريڊ گرائونڊ اسلام آ??اد پهچن ۽ وزيراعظم عمران خان جو امر بالمعروف جلسي کي تاريخي خطاب ٻڌن.