اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان اڄ راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پريس ريليز موجب راولپنڊي رنگ روڊ 38.3 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 ڦاڪن تي ٻڌل ??وندو. رنگ روڊ تي انٽرچينج به تعمير ٿيند??. ر??ولپنڊي رنگ روڊ جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. متبادل رستي جي طور تي رنگ روڊ جي ڪري مسا??رن جي وقت ۽ خرچ جي بچت ٿيندي. منصوبي جي ڪري روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.