اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان بابت پاڪستان افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ??و، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي، 5 آگست 2019ع کان اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي ڀارت سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو، سنڪيانگ چين جو حصو آهي ڪو تڪرار نه آهي ۽ ان کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي جي گڏيل مفاد ۾ آهي، امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. فرانسيسي اخبار لي فگارو کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي هو پنهنجي سمورن هندستاني دوستن جي لاءِ پريشان آهي، هڪ تعليم يافته هندستاني جي لاءِ هن وقت هندستان ۾ پلجڻ وڌڻ ڳڻتي جوڳو هوندو. افغانستان بابت سوال تي وزيراعظم ??يو ته اڳ ۾ پاڪستان افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ??و، اسان ا??هن سان گڏجي گڏيل قدم کڻڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن پاڪستان اڪيلي ڪو قدم کڻي ٿو ته ان سان پاڪستان تي تمام گهڻو عالمي دٻاءُ اچي ويندو. پاڪستان هن وقت معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ڏيوالپڻو هو، اسان وٽ رهتون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه هئا، اسان جو ڌيان هن وقت معيشت آهي ۽ اسان پنهنجي معيشت کي انهي صورت ۾ مٿي کڻي وڃي سگهون ٿا جڏهن دنيا سان اسان جا سٺا لاڳاپا هجن. وزيراعظم ??يو ته آخري شيءَ جيڪا اسان نه چاهينداسين اها عالمي اڪيلائپ آهي، يعني اسان واحد ملڪ هجون جيڪو ا??هن کي (طالبان حڪومت) کي تسليم ڪري پر اهو چوندي منهنجو يقين آهي ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو اهو آهي ته جيڪڏهن اٽڪل چار ڪروڙ افغانين جي ڀلائي جا خواهشمند آهن ته افغان حڪومت کي جلد يا دير تسليم ڪرڻو آهي ڇو هن وقت ڪو ٻيو متبادل دستياب نه آهي. وزيراعظم ??يو ته جڏهن گذريل ڀيري طالبان جي حڪومت هئي ته ا??هن جو اتر اتحاد سان تڪرار هلي رهيو هو. افغانستان ۾ هاڻي ڪو تڪرار نه آهي جيڪو 40 سالن کانپوءِ پهريون موقعو آهي، سواءِ ڪجهه ننڍين دهشتگرد تنظيمن جي باقي ملڪ تڪرارن کان پاڪ آهي. افغانستان ۾ جيترو وڌيڪ استحڪام هوندو، ايترو ئي ا??هن عالمي دهشتگردن جي وڌڻ ويجهڻ جو امڪان گهٽ هوندو ت??هن ڪري آئون محسوس ڪريان ٿو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ آهي، پاڪستان اڪيلي ائين نه ٿو ڪري سگهي، اسان سمورن علائقائي ملڪن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون پر افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ جلد يا دير ا??هن کي افغانستان کي تسليم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ??يو ته ان ڳالهه تي عالمي اتفاق راءِ آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت هجڻ گهرجي، ٻيو انساني حقن خاص طور تي عو??تن جي حقن جو تحفظ هجڻ گهرجي، طالبان جي حڪومت ٻنهي جو واعدو ڪيو آهي، ا??هن انساني حقن ۽ ٺوس حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته طالبان اهڙو ڇا ڪري ج??هن سان دنيا مطمئن ٿئي ته طالبان شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهين، هن وقت اها صورتحال آهي جو اهي ??يستائين ٻنهي شرطن تي راضي ٿي چڪا آهن. وزيراعظم ??يو ته امير تقي جي دوري ۾ ڪا ٺوس خاطري ته نه ڪرائي پر هن ان اصول تي اتفاق ڪيو ته هو ان بابت اڳتي ڪيئن وڌندا. جيڪڏهن ڪير افغانين جي ڪردار کان واقف آهي ته ان کي اهو ادراڪ هجڻ گهرجي ته اهي تمام گهڻا فاخر ماڻهو آهن ۽ توهان ا??هن کي مجبور نه ٿا ڪري سگهو، اهي ??اهرئين مداخلت کان نفرت ڪن ٿا، 2001ع ۾ پاڪستان ا??هن ٽن ملڪن مان هڪ هو ج??هن افغانستان کي تسليم ڪري رکيو هو، ان جي باوجود جڏهن پاڪستان طالبان کي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اسامه بن لادن کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏي ته ا??هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هڪ حد تائين ٻاهريون دٻاءُ ڪ??هن حڪومت تي اثرانداز نه ٿو ٿي سگهي. خاص طور تي اهڙي حڪومت تي جيڪا طالبان وانگر تمام گهڻي آزادي پسند آهي. رڳو تنبيهه ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ٿو ته ان عمل جي لاءِ توهان ا??هن کي مجبور ڪري سگهو ٿا ته ائين ٿيڻ وارو نه آهي ۽ اسان کي اميد به نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته عو??تن جي حقن بابت افغانستان جا ماڻهو ڇا ٿا سوچين ۽ اولهه ۾ عو??تن کي ڪهڙا حق حاصل آهن ا??هن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو خال آهي. عو??تن جي لاءِ اولهه طرز جي حقن جي جيڪڏهن ڪير اميد ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ائين نه ٿيندو جڏهن ته اهي ان ڳالهه سان متفق آهن ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اهو هڪ اهڙو نقطو آهي ج??هن تي جڏهن هو هتي آيا ته ا??هن اتفاق ڪيو. وزيراعظم ??يو ته ٻه خدشا موجود آهن پهريون ته پناهگير آهن. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 40 لک کان وڌيڪ پناهگير موجود آهن ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ٿين ٿيون، جيڪڏهن اهو انساني بحران بدتر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ پناهگيرن جو هڪ سيلاب ايندو. پاڪستان وڌيڪ پناهگيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان وٽ وسيلا نه آهن. بيو اهو ته سقوط ڪابل کان اڳ افغانستان مان ٽي گروهه ڪارروايون ڪري رهيا هئا پهرين نمبر تي ٽي ٽي پي پاڪستان طالبان، ٻيو بلوچ دهشتگرد هئا ۽ ٽئين نمبر تي داعش هئي. ان لاءِ اسان جو پڪو يقين آهي ته جيتري وڌيڪ مستحڪم افغان حڪومت ٿيندي ويندي ا??هن گروهن کي اتان ڪارروايون ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا، ان لاءِ اسان وٽ مضبوط دليل آهن. پاڪستان وٽ افغانستان ۾ استحڪام جي مضبوط ترين دليل امڪاني پناهگير ۽ دهشتگردي آهي. طالبان حڪومت پاران پنهنجي سرزمين کي ٻين ملڪن جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم ??يو ته کيس طالبان حڪومت تي ڀروسو آهي ??نهنجي خيال ۾ ج??هن به افغان طالبان سان گڏ ڪم ڪيو، آئون سال 2000ع جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، هڪ ڳالهه توهان چئي سگهو ٿا ته اهي ??نهنجي زبان تي قائم رهن ٿا. جڏهن ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان ويندا هئا ته اهي ??ڌائيندا ته ان کان اڳ هر 50 ميل کانپوءِ هڪ جنگجو ا??هن کان ڀتو وٺندو هو. جڏهن طالبان اقتدار ۾ آيا ته بنيادي طور تي هر جڳهه تي مڪمل امن ٿي ويو ۽ جڏهن اهي تحفظ جي ضمانت ڏين ٿا ته توهان کي تحفظ ملندو هو ت??هن ڪري اسان کي يقين آهي ته اهي ائين ڪندا ڇو ته اهو ا??هن جي مفاد ۾ آهي. جيڪو طالبان حڪومت سڀ کان وڌيڪ چاهيندي اها پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال آهي ۽ اهي ا??هن جي سارسنڀال رڳو انهي صورت ۾ ڪري سگهن ٿا ته اتي امن هجي ۽ واپار هجي. ان جي لاءِ آئون سمجهان ٿو ته نه رڳو اسان جي حڪومت پر سمورن پاڙيسري ملڪن جو مڃڻ آهي ته افغانستان ۾ استحڪام وچ ايشيائي ملڪن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي موقف سان پاڪستان افغانستان جي رستي وچ ايشيا سان ڳنڍجي وڃي ٿو. وچ ايشيائي رياستون بحرهند سان ڳنڍجن ٿيون جتان اهي ??نهنجو سامان ٻاهر کڻي وڃي سگهن ٿا ت??هن ڪري اسان سڀ ان جي استحڪام ۾ دلچسپي رکون ٿا. هڪ سوال تي وزيراعظم ??يو ته جيڪڏهن طالبان جي سرزمين تان دهشتگردي ٿئي ٿي ته اهي ??صيبتن جو شڪار ٿيندا. عالمي دهشتگردي سان اهي ??قصان کڻندا ان لاءِ عالمي دهشتگردي کي روڪڻ ا??هن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن جي سوال تي وزيراعظم ??يو ته فرانس پاڪستان جي لاءِ تمام اهم ملڪ آهي. پهرين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي اڌ برآمدات يورپي يونين ڏا??هن وڃي ٿي. فرانس اتان جي انتهائي ملڪن مان هڪ آهي ۽ واپاري حصيدار ملڪ آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جي حوالي سان سندس بنيادي فڪر معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ، پنهنجي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ 22 ڪروڙ عوام جو خيال رکڻ آهي. ان لاءِ منهنجي بنيادي دلچسپي معيشت آهي ۽ انهي جي ڪري فرانس اسان جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم ??يو ته ڪورونا جي ڪري شايد ئي ڪو عالمي سفر يا ملاقاتون ٿيون هجن. اڪثر ورچوئل ملاقاتون ٿيون آهن. ت??هن هوندي به صدر ميڪرون سان ملڻ چاهيندس ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس. منهنجي ٻه ڀيرا صدر ميڪرون سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. فرانس ۾ پاڪستاني سفير جي مقرري جي سوال تي وزيراعظم ??يو ته منهنجو خيال آهي ته اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ ڀ??رت پاران غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم ??يو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪطرفي طور تي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو. هي اها شروعات هئي ج??هن کانپوءِ اسان جا لاڳاپا ڪٽجي ويا آهن. ڇو ته ڀارت جو ائين ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. رڳو اهو ئي نه پر ڀارت ۾ آر ايس ايس جي قيادت هيٺ بي جي پي حڪومت جهڙي طريقي سان پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پاليسي هلائي آهي. مون کي ڳڻتي آهي ته دنيا جي ان حصي ۾ هن وقت تمام گهڻي بي چيني موجود آهي ته اسان هڪ منطقي سوچ رکندڙ حڪومت سان معاملا نه ڪري رهيا آهيون پر هڪ اهڙي حڪومت سان معاملا ڪري رهيا آهيون ج??هن جي نظريي جو بنياد ئي نفرت تي آهي ج??هن جو نظريو مسلمانن، اقليتن ۽ پاڪستان جي خلاف نفرت تي ٻڌل آهي، اها هڪ منطقي حڪومت نه آهي ج??هن سان اسان ڳالهيون ڪري سگهون. هڪ سوال تي وزيراعظم ??يو ته ڀارت کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جي حل جو آهي جيڪو اسان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن آئون اقتدار ۾ آيس ته منهنجو پهريون قدم اهو هو ته وزيراعظم نريندر مودي طرف دوستي جو هٿ وڌايو، آئون ڪيترن ئي پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ ڀارت بابت وڌيڪ بهتر ڄاڻان ٿو، منهنجو خيال اهو هو ته اسان جا پاڙيسري جهڙا لاڳاپا هجن، اسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو واحد سبب ڪشمير مسئلو آهي، ان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي وزيراعظم جو ردعمل تمام گهڻو حيران ڪندڙ هو، ان کانپوءِ پلواما واقعو پيش آيو جتي هڪ ڪشميري نوجوان ڀارتي فوجي قافلي تي خودڪش حملو ڪري ڇڏيو ج??هن جو ا??هن اسان تي الزام هنيو، ان جي نتيجي ۾ ا??هن پاڪستان تي بمباري ڪئي، اسان ردعمل ۾ ا??هن جو جهاز ڪيرايو ۽ اهو ٻڌائڻ جي لاءِ اسان جارحيت نه ٿا وڌائڻ چاهيون اسان ا??هن جي پائليٽ کي واپس ڪري ڇڏيو، هن وقت اسان جي وچ ۾ ڪو رابطو نه آهي ??ر آئون چوندس ته اها هڪ تعطل واري ڪيفيت آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان ڀارت سان لاڳاپا قائم ڪري سگهون ٿا پر ان طرفان ان جي شروعات ا??هن قدمن جي واپسي سان ٿيڻي آهي جيڪي هن 5 آگسٽ 2019ع تي کنيا هئا، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي ڇو ته اها عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو جن ايتريون مصيبتون برداشت ڪيون آهن، هيستائين هڪ لک ڪشميرين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، ڪشميرين جو اهو حق هو ج??هن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي هئي ته ريفرنڊم ذريعي ا??هن کي پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪشميرين کي اهو حق نه ڏيڻ ۽ طاقت جو استعمال جهڙوڪ 8 لک ڀارتي فوج ڪشمير جي واديءَ کي هڪ اوپن جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڪا به راهه نه آهي جو اسان اڳتي وڌي سگهون، جيستائين هو ڪشمير جي حيثيت بحال نه ٿو ڪري ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. وزيراعظم ??يو ته سنڪيانگ چين جو حصو آهي، اهو ڪو تڪرار نه آهي، ان کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڪشمير جي حيثيت اها آهي ته 1948ع ۾ عالمي برادري ان کي پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ هڪ تڪرار طور تسليم ڪيو آهي، ڪشمير جي ماڻهن کي ضمانت ڏني وئي هئي، جيڪا ڀارت به تسليم ڪئي هئي، ڪشمير کي ڀارتي آئين ۾ خصوصي حيثيت حاصل هئي، 2019ع ۾ ڀارت هڪطرفي طور تي اها حيثيت ختم ڪري ڇڏي، ڪشمير مڪمل طور تي مختلف معاملو آهي، اهو پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ڪشمير جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو ڇو ته هڪ ڀاڱي ٽي ڪشمير پاڪستان وٽ آهي، ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير مان آيل ڪيترائي پناهگير پاڪستان ۾ رهن ٿا، ان لاءِ اهو معاملو سڌوسنئون پاڪستان بابت آهي، سڄي دنيا ۾ شام کان وٺي ليبيا، صوماليه ۽ عراق ۾ مسلمانن سان تمام گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي ??ر هن وقت منهنجا خاص طور تي خدشا ڪشمير جي حوالي سان آهن جيڪو پاڪستان ۽ ڀ??رت جي وچ ۾ هڪ تڪراري معاملو آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت سوال تي وزيراعظم ??يو ته پاڪستان جا آمريڪا سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، اسان جا آمريڪا سان سدائين سٺا لاڳاپا رهيا آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ڪجهه رخن تي مون سدائين تنقيد ڪئي آهي، ج??هن رخ کي مون سڀ کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي اهو دهشتگردي ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ جنگ آهي، مون ڪڏهن به نه سو??يو هو ته افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل نڪرندو، شروع ۾ ڪجهه واضح نه هو ته اهي افغانستان ۾ ڪهڙي مقصد تحت آيا آهن، ڇا ا??هن جي نظر ۾ قوم جي تعمير هئي يا عو??تن کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه هئي يا انساني حقن جو معاملو هو، اهي اتي جمهوريت آڻڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن ڇو ته ا??هن جا مقصد واضح نه هئا، ڪ??هن کي خبر نه هئي ته اهي افغانستان ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، آئون نه ٿو سمجهان ته آمريڪين کي به خبر هئي ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ ڪهڙي ڪاميابي هئي ڪ??هن کي خبر نه هئي، مون سدائين افغانستان ۾ ٿيندڙ ان مهم جوئي تي تنقيد ڪئي، اهي جيڪو ڪجهه به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جو ڪو فوجي حل نه آهي، ٻي ڳالهه دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شرڪت آهي، آئون نه چاهيندو هئس ته پاڪستان ان جنگ ۾ حصو وٺي ۽ ان جو هڪ سبب هو، 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، مجاهدين کي هٿياربند ڪيو ۽ جهاد ۾ شرڪت ڪندڙن کي هيرو قرار ڏنو ويو ڇو ته اهي سوويت يونين جي قبضي جي خلاف هئا، اسان سي آءِ اي سان گڏجي ا??هن جي تربيت ڪئي هئي، 10 سالن کانپوءِ 1989ع ۾ سوويت فوجون افغانستان مان هليون ويون، پوءِ 2001ع ۾ آمريڪي افغانستان ۾ اچي ويا، هاڻي ا??هن ئي ماڻهن کي جن کي اسان غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، اسان اهو ٻڌائي رهيا هئاسين ته آمريڪي قبضي جي خلاف جنگ دهشتگردي آهي ته اهي اسان جي خلاف ٿي ويا، منهنجو موقف اهو هو ته اسان کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، ان لاءِ پاڪستاني طالبان اسان جي خلاف ٿي ويا ڇو ته سوويت فوجن جي خلاف سموريون ڪارروايون اسان جي قبائلي علائقن مان ڪيون ويون هيون جيڪي افغانستان جي ڀرپاسي وارا ضلعا آهن، اتان جا ماڻهو پاڪستاني طالبان بڻجي ويا ۽ اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته مجاهدن جا پراڻا گروپ جهڙوڪ القاعده به پاڪستان جي خلاف ٿي ويا ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 80 هزار قيمتي جانين جو نقصان کڻڻو پيو. وزيراعظم ??يو ته آمريڪا جي ڪ??هن اتحادي ايترن ماڻهن جو نقصان نه کنيو، ان جي باوجود افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو ويو، مون ان سان اتفاق نه ڪيو هو پر ان کانسواءِ هن وقت آمريڪا سان اسان جا گڏيل مقصد آهن، اسان افغانستان مان ڪ??هن به قسم جي دهشتگردي نه ٿا چاهيون، اسان عالمي دهشتگردي جي خلاف آهيون، آمريڪا به اهو ئي چاهي ??و ان لاءِ اسان جا مفاد گڏيل آهن، آئون اميد ڪريان ٿو ته آمريڪا به ان ڳالهه جو احساس ڪندو. وزيراعظم ??يو ته آمريڪا شروع ۾ عالمي دهشتگردي يعني القاعده جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغانستان آيو هو، هاڻي جيڪڏهن اتي بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اتي اها ئي صورتحال پيدا ٿي ويندي ان لاءِ اسان جو مفاد گڏيل آهي جيڪو افغانستان ۾ استحڪام آهي. افغانستان ۾ فضا مان نگراني ۽ آپريشن جي پاليسي حڪمت عملي ۾ شموليت جي سوال تي وزيراعظم ??يو ته ائين رڳو طالبان جي حڪومت جي اجازت سان ٿي سگهي ??و جيڪڏهن اها اجازت ڏي تڏهن ئي ائين ٿي سگهي ??و ٻي صورت ۾ اها اسان جي آخري خواهش هوندي ته افغان حڪومت سان ڪو تڪرار هجي، 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻ کانپوءِ پاڪستان هڪ ٻئي تڪرار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اسان امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. هڪ سوال تي وزيراعظم ??يو ته هو آمريڪا تي الزام نه ٿو لڳائي پر پنهنجي ملڪي قيادت کي ذميوار سمجهي ??و، ملڪي قيادت جو ڪم اهو آهي ته اها پنهنجي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪري، اهو آمريڪا جو ڪم نه آهي ته هو پاڪستاني عوام جي مفادن جو تحفظ ڪري، پاڪستان پاڻ کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني، اهو واضح آهي ته اسان 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻياسين، ان جنگ جي خاتمي جي هڪ سال کانپوءِ اسان تي پابنديون هنيون ويون، پاڪستان کي ان وقت سکڻ گهرجي ها، اهو ئي سبب آهي جو مون 2001ع کانپوءِ آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي هئي، ان جو پهريون سبب اهو آهي ته اسان ا??هن مجاهدين کي غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، هاڻي اسان ا??هن کي ڪيئن روڪيون ها ۽ جڏهن اسان آمريڪا جو ساٿ ڏنو ته اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان کي لڳو ته اسان کي استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن 1991ع ۾ پاڪستان تي پريسلر ترميم جي ذريعي پابنديون هنيون ويون، ان وقت اسان وٽ 40 لک پناهگير رهندڙ هئا، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف جي آمد ٿي ۽ مذهبي نفرت پکيڙيندڙ عسڪري گروهه سامهون آيا، اهو 80ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ افغان جهاد جو نتيجو هو، ان وقت مون ا??هن جو ساٿ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، منهنجو خيال هو ته اسان کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، مون کي اڄ به جارج بش جو بيان ياد آهي ج??هن ۾ هن ??يو هو ته هو ٻيهر پاڪستان کي نه ڇڏيندا پر ا??هن هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ئي ڪيو. فرانس جي دوري بابت سوال تي وزيراعظم ??يو ته هن وقت نه پر هو يقينن فرانس جو دورو ڪرڻ چاهيندو.