ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گو??نر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گو??نر هائوس پاران جاري پڌرائي مو??ب پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گو??ننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش ??سئ??ن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش ??سئ??ن جي حل لاءِ مو??وده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گو??نر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.