اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته رمضان شوگر ملز جي ملازمن جي نالي تي بي نامي اڪائونٽس ۾ 16 ارب رو??ين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران چالان جمع ٿي چڪو آهي، فرخ حبيب پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايف آءِ اي پاران چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف تاريخن جي پويان لڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته وڪيلن جي ذريعي ا??توا نه وٺي پر ٽرائل روزاني جي بنياد تي هلرائي.