اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ??ا معاشي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان ??ه وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گروپ جي اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي موجودگي ملڪي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي باوجود معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومتن جي پيدا ڪيل معاشي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو بهترين معاشي پاليسين سان مقابلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان ??ي پذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران ??ڏهن پوري دنيا جا ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار هئا، حڪ??مت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري معاشي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان ??ي معاشي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ اضافي جو امڪان ??هي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائ?? واقعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو اضافو، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي مد ۾ ئي 32 سيڪڙو اضافو، روانگ?? واپار ۾ اضافو، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار ۽ ويليو ايڊيشن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، صنعتي خام مال جي درآمد ۾ اضافو نه رڳو صنعتي ترقي پر روانگ?? واپار ۽ مقامي کپت جي نتيجي ۾ روينيو ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ??يگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان ??ي اڳڀرائي ۽ ان ??ي ڪري پيداوار ۽ روانگ?? واپار ۾ اضافي تي به تفصيلي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ??طاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ا معاشي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪ??مت نه رڳو گذريل حڪ??مت جي وراثت ۾ ڇڏيل معاشي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن جو بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار، ويليو ايڊيشن، روين??و ۽ روانگ?? واپار ۾ اضافو واضح ڪري ٿو ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان ??ه وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم معاشي مشاورتي گروپ جي ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي رليف کي ??وام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻ?? واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائ?? واري وزير حماد اظهر، منصوبابند?? واري وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان ??اهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻ?? واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصاد?? واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر نديم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.