اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عن??ر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ??اڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيندي آهي، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حا??ل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معا??دن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.