اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير ع??دا??لهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب مخدوم شا??ه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان ا??ان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شا??ه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ع??ائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ا??تعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.