اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي، بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊه سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ تي ردعمل ڏيڻ وقت کان اڳ ٿيندو، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي، هن وقت ان تي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل ۾ هو، ميڊيا جي رپورٽن م??ن ئي خبر پئي ته ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ڪابل ۾ موجود هئا. جيڪڏهن اسان پنهنجو پرڏيهي وزير ڪابل موڪليون ها ته اتي اتي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟ اتي ڪو پرڏيهي وزير موجود نه آهي. هن چيو ته باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ هڪ اهڙي ??ريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. ڪابل ۾ باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي افغانستان سان سنگين م??ئلا درپيش رهيا آهن جن ۾ داعش جي سگهه، پناهگيرن جي مسئلن ۽ ٽي ٽي پي جي افغانستان م??ن م??ئيگريشن شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، پاڪستان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي. افغانستان ۾ غيرملڪي شهرين کي انخلا ۾ پاڪستان م??د فراهم ڪئي، اسان افغانستان ۾ ڦاٿل هزارين م??ڻهن کي ڪڍيو، افغانستان م??ن غيرملڪي شهرين جي انخلا جي اسان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2007ع ۽ 2011ع ۾ اسان جيڪو چئي رهيا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿيو. جيڪڏهن ان وقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان کي 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو، اسان جو 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي. ڀارتي ميڊيا جي سمورن ٽاڪ شوز ۾ اها ڪهاڻي ٺاهي وئي، ان م??ن خبر پوي ٿي ته ڀارت ۾ مارڪيٽنگ ايجنسيُون ڪهڙي ??موني ڪم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊائن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو.