اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان جي اقتصادي بهتري ۽ تعميراتي پاليسي جي ڪاميابي جا نتيجا مختلف شعبن ۾ نظر ??چي رهيا آهن، 2017ع ۾ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو سي ڊ?? اي وٽ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين 72 ارب رپيا وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم سي ڊ?? اي کي شاباس ڏيندي چيو ته 2017ع ۾ سي ڊ?? اي کي 5 ارب 80 ڪروڙ رپين جو خسارو درپيش هو ۽ ادارو ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو پر هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي سي ڊ?? اي وٽ 73 ارب رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته 26 ارب رپيا اڳ ۾ ئي اڪائونٽس ۾ موجود آهن، ويل ڊن! ٽيم سي ڊ?? اي.