اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سا?? متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، وا??ار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وا??گر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي وا??ار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گا??مي??ٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جون زرعي مص??وع??ت سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني وا??ارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سا?? ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.