اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان س??ن پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان س??ن ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ من??وبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو من??وبو آهي ۽ افغانستان ان من??وبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن س??ن واپار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.