لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ا??لڊر اوين ا??سوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقع?? تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا س??وت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد ??ندگي جي مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اولڊر اوين ا??سوسيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقع?? تي اولڊر اوين ا??سوسيئيشن جي و??د وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يادگاري شيلڊ ۽ تصوير پڻ پيش ڪئي.