اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، ق??م سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، ق??م جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قا??ون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قا??ون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي ??فا??ي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.