اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن آزاد ڪشمير جي ٻن ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم جو اهو ??ور?? ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جي ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران توثيق جي ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراع??م اڄ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو دورو ڪندو جتي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار جو دورو ڪندو ۽ گلن جي چادر چاڙهيندو. نگران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو.