اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ??رڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آ??ي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدع??وا??ي جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آ??ي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.