لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ هيموفيليا جو قانون بڻجي چڪو آهي، ان کي وفاق ۽ پنجاب جي سطح تي به متعارف ڪرائينداسين ته جيئن مرض کي روڪڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ مهم شروع ڪئي وڃي، حڪومت 192 ارب رپين جي وڏي رقم سان احساس پ??وگرام متعارف ڪرايو آهي، سُندس فائونڊ??شن کي به احساس پ??وگرام جو حصو بڻايو ويندو، حڪومت هيموفيلي?? جي مرض ۾ ورتل پڙهيل لکيل مريضن جي لاءِ سُندس جاب بئنڪ ٺاهيندي جنهن تحت انهن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نوڪريون ڏنيون وينديون. هو سُندس فائونڊ??شن ۾ ناليواري صحافي ڪالم نگار منو ڀائي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.