اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاء?? پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئ??ن سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزي??اع??م هائوس پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزي??اع??م عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.