اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوتو هڻي ڪئي. وزيراعظم ??ي ان موقعي تي وڻڪاري مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم ??ي ٻ??ايو ويو ته هلندڙ سال سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 10 لک ٻو??ا هنيا ويندا جڏهن ته هلندڙ سال بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 98 لک ٻو??ا هنيا ويا هئا. موسمياتي تبديلي واري وزارت، صوبائي ٻيلن وارو کاتو وڻڪاري مهم جي اهميت بابت آگاهي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.