اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪوويڊ 19 کان متاثر مريضن جي استعمال ۾ ايندڙ هڪ دوا (انجيڪشن remdesivir) جي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان دو?? جي درآمد تي ڊيوٽي لاڳو نه هوندي، وفاقي ڪابينا گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستانين خاص طور تي پورهيت طبقي کي واپس آڻڻ جي لا??ِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ ان حوالي سان سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، وزيراعظم تعميراتي شعبي جي فروغ جي لا??ِ اين سي او سي (نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر) جي طرز تي نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارتي تحت اعليٰ سط??ي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ح??وم??ن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جا نمائندا شامل هوندا، ڪميٽي روزاني جي بنياد تي تعميرات جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جو فاسٽ ٽريڪ حل يقيني بڻائيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابين?? جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم ڪورون?? جي صورتحال جو ملڪي معيشت ۽ خاص طور تي عام عوام جي زندگين تي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪورون?? جي ڪري ملڪي معيشت کي استحڪام ڏيڻ جون ح??وم??ي ڪوششون متاثر ٿيون آهن، معاشي عمل کي جاري رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ح??وم?? تعميرات جي شعبي کي تاريخي مراعاتي پئڪيج ڏنو آهي.