پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : عظیم البینی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں