نگران وزيراعظم پاران گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهندا، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں