اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀني صوبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪ??ونا وائرس با??ت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وز??ر اسد عمر، مذهبي معاملن واري وفاقي وز??ر پير نور الحق قادري، وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، صحت با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.