اسلام آباد – 21 211; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران ??ان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي ??يڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران ??ان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي ??طلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي ??خت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي ??ڪمن تي گهرو وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران ??ان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران ??ان جتي به وڃي ان جي ??خت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزارت عمران ??ان جي ??ني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. گهرو وزارت هدايت ڪئي آهي ته عمران ??ان جي ??لسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي ??وران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.