اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تشدد ۽ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير يائو جنگ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو، صدر چيو ته پاڪستان چين س??ن ??نه??جي ل??ڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين مشڪل جي گهڙي ۾ سدائين پاڪستان س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو. هن يقين ڏيا??يو ته پاڪستان هڪ چين جي پاليسي جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان چين جي قومي مفاد جي اهم معاملن سميت هانگ ڪانگ، تبت ۽ تائيوان جي معاملي تي انهن س??ن گڏ بيٺل هوندو.