ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سا?? ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صوبن جي مشاورت سا?? انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سا?? واڳيل سينيئر صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سا?? ٿي ر??يا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص ??ور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.