اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي قدرتي حسن کي محفوظ رکڻ ۽ ماحوليات جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ قبضا مافيا جي ڪاررواين جي ڪري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ واقع گرين ايرياز کي شديد نقص??ن پهتو آهي، گرين ايرياز جي تحفظ جي حوالي سان هر م??ڪن قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار م??ڪ امين اس??م سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.