اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي پائمالين جي خلاف پاڪستانين جو آواز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تائين پهچائڻ تي ريزيڊ??ٽ ڪوآر??ين??ٽر جولين هارنيز ??ا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حوالي سان گڏيل قومن جي پاڪستان بابت ڪوآر??ين??ٽر کي پيش ڪيل ياداشت کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تائين پهچ??يو ويو آهي.