اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿ?? رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان ق??ئد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ا??هار جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.