پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائقن جي انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ مع??شي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي م??مب??ن سان ڳالهائيندي ڪيو.