اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نٿو ??رڻ چاهي، حيرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسليم نٿو ??ري، احسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جن??ن گجرون کاڌيون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خاص مددگار ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي وڏي تحمل سان سڀني صوبن جو موقف ٻڌو عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظم جي ترجيح آهي.