اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن ??ي ٻين آفيسرن سان مل??قات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ??لچ?? ڊويزن ??ي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان ن??ائيندو.