اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تا??ي ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل جي حمايت ۽ تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران اسان اتفاق ڪيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلي بابت پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي ا??لا?? جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريس سان پنهنج?? ملاقات ۾ اسان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مون موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي مطالبي جي مسلسل ۽ ڀرپور وڪالت تي سيڪريٽ??ي جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان اتفاق ڪيو ته عالمي برادري کي موسمياتي انصاف جي لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني ڪڏهن به نه وساريندا ته سيڪريٽ??ي جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ڪهڙي طرح عالمي فورمز تي ٻوڏ متاثرين جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي.