ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ?? بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن ج??ري آهي. پاڪ بحريه طرفان ج??ري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هز??ر کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لن??ر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ?? بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عز?? جو ثبوت آهي.