اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ماليت جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ڪ??دي?? ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت ??ي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪن??لا??ي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت ??ي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ ??وڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ ??وام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??ڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ ??ماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ ??وڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بجيٽ جي لاءِ ??موريون تياريون جاري آهن.