صدر پاران وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

image

اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪئي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن تي انصاف جي فراهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.

مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں