اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اس??گلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي طور تي اس??گلنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ذخيره اندوزي ۽ اس??گلنگ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ، ڪڻڪ، اٽي ۽ يوريا جي اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وزيراعظم کي صوبن جي وچ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوريا ڀاڻ ۽ کنڊ جي اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ ملڪ گير آپريشن جاري آهي، ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گذريل ڏينهن 49 ٽرڪ پڪڙيا ويا جڏهن ته ايف سي به هزارين ٽن يوريا ۽ کنڊ اس??گل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي شيون پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، سرحد پار اس??گلنگ ??ي روڪڻ جي لاءِ جوائنٽ پيٽرولگن ٽيمز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جڏهن ته انٽيلي جنس ايجنسين جي نشاندهي تي بلوچستان ۾ چار جوائنٽ پيٽرولنگ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪندا. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي انهن چيڪ پوسٽن جي انگ ۾ اضافي جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪڻڪ، اٽي، کنڊ ۽ يوريا کي آئٽمز قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ اس??ارڪو کي ملڪي سرحدن ??ي ريئل ٽائيم سيٽلائيٽ اميجري ۽ اچ وڃ جي ڊيٽا جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرحدي ضلعن ۾ گودامن جي نشاندهي سان گڏوگڏ اس??گلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ سين سان ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت ڊيلرن ۽ سهولتڪارن تائين پهتو پيو وڃي. اجلاس کي اس??گلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي نالن جي تيار ٿيل فهرست بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ حساس ادارن جي نمائندن ٻڌايو ته نه رڳو اس??گلنگ شين ۽ انهن ??ي رستن جي نشاندهي سان گڏوگڏ ملوث ماڻهن جو تعين ڪيو ويو آهي پر ان جي خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي پئي وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پوري ملڪ ۾ سرحدي ضلعن ۾ ذخيره اندوزي جي لاءِ استعمال ٿيندڙ 740 گودامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، گذريل چار ڏينهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مختلف ڪاررواين دوران 2800 ميٽرڪ ٽن کنڊ ۽ 1400 ميٽرڪ ٽن يوريا ضبط ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيف ??يڪ??يٽري پنجاب کي هدايت ئي ته اها تازو ئي اس??گلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ کنڊ کي دڪاندارن کي فراهم ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اهي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن يعني 95 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪن. وزيراعظم غذائي تحفظ واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته اڄ ئي شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس گهرائي ڪمند جي فصل جي امدادي قيمت جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي سختي سان عملدرآمد ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ۽ هڪ ڏورس ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ضرورت جي شين جي ٻاهرئين ملڪ اس??گلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن هدايت ڪئي ته اس??گلنگ جي ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن ڪيو وڃي، اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي ٻن ڏينهن جي اندر پيش ڪئي وڃي، اس??گلنگ ڪنهن به معاشري جي لاءِ ناسور جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان موجوده معاشي صورتحال ۾ قطعي طور تي اس??گلنگ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم اس??گلنگ روڪڻ جي حوالي سان سستي سان ڪم وٺڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ چيڪ پوسٽن جو انگ وڌايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ اس??گلنگ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته عالمي بارڊر تي بهترين شهرت جا ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ڪرپٽ ۽ اس??گلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائڻ وقت ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اس??گلنگ ??ي روڪٿام لاءِ ضروري قانونسازي جي لاءِ مسودو جلد پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته اينٽي اس??گلنگ ڪورٽس کي فوري طور تي فعال ۽ موثر بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اينٽي اس??گلنگ ڪورٽس جي انگ ۾ اضافو ڪيو وڃي، اينٽي اس??گلنگ ڪورٽس ۾ اعليٰ شهرت يافته ججز سان گڏوگڏ پراسڪيوٽرز جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏينداسين. هن هدايت ڪئي ته چيف ??يڪ??يٽري صوبن جي سرحدي ضلعن ۾ انهن شين جي طلب جا انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن انهن ضلعن ۾ پهچ ان حد کان مٿي نه وڃي. هن هدايت ڪئي ته اس??گلنگ ??ي روڪٿام جي آپريشن دوران پڪڙي ويندڙ کنڊ ۽ يوريا کي بازار ۾ حڪومت جي مقرر ٿيل اگهن تي وڪرو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مخدوم مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن جڏهن ته چئني صوبن جي چيف ??يڪ??يٽريز پن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.