وزيراعظم پاران راولپنڊي جي اڳوڻي ميئر سردار نسيم سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

image

اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ راولپنڊي جي اڳوڻي ميئر سردار نسيم سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي سمورن گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته والده جهڙي شفيق ۽ مخلص هستيءَ جو لاڏاڻو زندگي جو ناقابل تلافي نقصان هوندو آهي، توهان جي ڏک ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي.

مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں