اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ ترقي يافته ملڪن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه??. پ??هنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گهٽ ترقي يافته ملڪن بابت گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ هن دنيا جي وڌند?? بي حسي ۽ عدم دلچسپي جي خلاف خبرد??ر ڪيو آهي ته گهٽ ترقي يافته ملڪن کي اڻبرابري، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سپلائي لائينن ۾ وڏي پئماني تي خلل جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته ”ڪنهن کي پوئتي ناهي ڇڏڻو“ جو نعرو هڪ نئين بيداري جي گهُر ڪري ٿو.