وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۾ ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

image

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن سان گڏيل ميزباني ۾ پاڪستان بابت موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان ٿيندڙ نقصان سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جو تمام وڏو چئلينجز درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. وزيراعظم قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني جنهن راندين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں