اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فصلن جي انشورنس کي ملڪ ۾ غذائي تحفظ سان گڏوگڏ آبادگارن جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ضروري قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي زرعي شعبي ۾ انشورنس ڪوريج جي شرح کي وڌائڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ فصلن جي انشورنس جو ڪاٿو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فصلن جي انشورنس جي ڪوريج اٽڪل 4 کان 5 سيڪڙو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ص??ر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي اهتمام هيٺ فصلن جي انشورنس بابت هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيا گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فصلن جي انشورنس ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن کي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي فصلن جي انشورنس جي اهميت، رسڪ مئنيجمينٽ ۽ فصلن جي جيتن جي حملي، سوڪهڙي ۽ انساني ساختا يا قدرتي آفتن جي ??ري پهچندڙ نقصانن کان آبادگارن کي بچائڻ بابت آگاهي فراهم ??ري سگهجي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ان نصاب کي تيار ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پولٽري پاڪستان ۾ هڪ ترقي يافته شعبو آهي ۽ اهڙن باضابطا شعبن کي انشورنس اسڪيمن ۾ شامل ڪرڻ جي ل??ءِ انشورنس مصنوعات متعارف ڪرائڻ گهرجن ۽ لاڳاپيل آبادي جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انشورنس جي چونڊ ڪرڻ جي ل??ءِ آگاهي مهم شروع ??ري پنهنجي صنعت جي ممڪن نقصانن کان تحفظ فرهام ڪن. صدر زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن جي ل??ءِ جيڪڏهن گهٽ کان گهٽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي پر وڌ کان وڌ فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد آبادگاري ۽ چوپايو مال پالڻ جي مهارتن کي اختيار ڪرڻ سان پيداوار جي موجوده سطح کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان نه رڳو ملڪ کي خوراڪ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر هو زرعي مصنوعات کي د??يا جي ٻين حصن ۾ برآمد ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. صدر چيو ته سمورين انشورنس ڪمپنين ۽ ڌرين کي گهرجي ته اهي سمورن ميڊيا جي ذريعن جي ذريعي هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪن ته جيئن لاڳاپيل عوام کي مصنواعت جاري ڪرڻ کان اڳ انهن جي مصنوعات، فائدن ۽ ان سان واڳيل خطرن بابت آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي ۽ ان کي پاڻي جي کوٽ، گليشيئرز جي پگهڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ملڪ کي هڪ ٺوس ۽ سوچي سمجهي خاتمي ۽ موافقت جي پاليسي ۽ لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار جي ذريعي کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ملڪ ۾ فصلن جي مجموعي صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ انشورنس پورٽ فوليو ۾ غيرروايتي فصلن ۽ چوپائي مال کي شامل ڪرڻ سميت آبادگارن جي سهولت لاءِ صارف دوست مصنوعات تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته اي ڊي بي متاثر آبادگارن کي پاليسي تي ٻڌل قرض ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي تعاون سان فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي ل??ءِ 10 ملين ڊالر جي گرانٽ قائم ڪئي آهي. هن چيو ته بئنڪ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ فصلن جي انشورنس کي به شامل ڪندي ته جيئن بحراني حالتن ۾ ڪمزور آبادگارن جو تحفظ ??ري سگهجي. قومي انشورنس ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 40 ملين رپين جي شروعاتي رقم سان گڏ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ??ري رهيا آهيون ته جيئن چونڊ ڪيل زمين جي سروي ??ري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قدرتي يا انساني ساختا آفتن يا جيتن جي حملي جي ??ري فصلن جي پيداوار معمول کان 80 سيڪڙو کان گهٽ ٿئي ته لاڳاپيل آبادگارن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ان قدم کي ساراهيو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته لاڳاپيل عالمي ايجنسين وٽ ڪيترائي ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فنڊز موجود آهن جن کي فصلن جي انشورنس جي منصوبن طرف موڙڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي عالمي / علائقائي سطح تي اهڙن فنڊز جي نشاندهي ڪرڻ جي ل??ءِ خصوصي ۽ وقف ٿيل کاتا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي فصلن جي انشورنس بابت پنهنجي مصنوعات طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر سڄي ملڪ ۾ فصلن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ پنهنجي سيڪريٽريٽ سان گڏ قومي سطح تي هڪ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي فصلن جي انشورنس جي حوالي سان هڪ قومي پاليسي تيار ڪن.