اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردو??ن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي مو??عي تي پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردو??ن جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪارويٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا رابطا اس??ن جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن اسان پن??نج?? گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردو??ن جي قيادت ۾ ترڪيه سان پاڪستان سان لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.