اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل قومن جي 816 ملين ڊالر جي نئين اپيل عالمي برادري پاران مسلسل حمايت جي گهرجائو آهي. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي خوراڪ ?? علاج جي ضرورت آهي. بحران واري ڪيفيت وڌڻ جي ڪري ??سان کي پ??هن??ون ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ کان متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا.