اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏ??ڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جاري رکيو آهي. پاڪ ??ضائيه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ کين ٻن مهينن جو راشن ڏنو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٻوڏ متاثرن کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪ ??ضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ ??ضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 16650 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 750 پاڻي جون بوتلون ۽ 777 خشڪ راشن جا ٿيلها ورهايا. ان کان علاوه پاڪ ??ضائيه جي ميڊيڪل ٽين 920 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.