نئين دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نع??م احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته ه?? ڏينهن ??ار?? جي زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نع??م احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ??ار?? جي توسيع پسنداڻي ڏوهن تي ??وشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ کسڻ جو ??ار??ي قدم مسلمان اڪثريتي ??ياست کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي انهن جي گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ??ار??ي قدمن کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ??ار??ي آئين جي خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن جي روح جي به خلاف آهي. هن چيو ته ه?? هڪطرفو قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سراسر خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جي وسيلن، ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نع??م احمد خان چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غيرقانوني ??ار??ي قبضي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ??ار??ي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ??ار?? 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ظالماڻا قانون لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀئي قدم ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لاءِ وڙهڻ جي انهن جي خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.